شاهنواز جوڻيجو

شاهنواز جوڻيجو

جوڻيجو شاهنواز

جوڻيجو، شاهنواز: سنڌ جي خوددار سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري طور مشهور شاهنواز خان ولد سنجر خان جوڻيجو، ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ سنجر جوڻيجي ۾ 1932ع ڌاري پيدا ٿيو. شاهنواز جوڻيجي سياست جي شروعات 1962ع کان بي ڊي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ڪئي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سانگهڙ جو ميمبر ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. هي 1975ع کان 1977ع تائين ڊي. پي. آر هيٺ جيل ۾ به رهيو. شهيد ڀٽي خلاف شاهدي نه ڏيڻ تي ضياءَ الحق جي دور ۾ مٿس پنجن حرن جي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو، جنهن ڪيس ۾ چار سال قيد ڪاٽڻ کان پوءِ جهاز هائيجيڪنگ ڪيس ۾ به قيد ڪاٽيائين. ڄام صادق عليءَ سان اختلافن سبب ايم. ڪيو. ايم جي 82 ڪارڪنن جي قتل ڪيس ۾ به کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز خان جوڻيجو 1988ع جي چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجي کي هارائي ايم. اين. اي ٿيو. 1995ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر ٿيو. مڪاني ادارن جو مملڪتي وزير به رهيو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ڀلن گهوڙن جي حوالي سان به مشهور آهي. هو هر ميلي ۾ پنهنجن ڀلن گهوڙن کي مقابلي ۾ لاهيندو هو ۽ اڪثرکٽيندو هو. شاهنواز خان جوڻيجو تاريخي ۽ مذهبي لحاظ کان وڏي ڄاڻ رکندو هو. سنڌ ۾ فيصلن جي حوالي سان سندس وڏي هاڪ هئي. نظرياتي حوالي سان حضرت علي عليه السلام ۽ سائين جي. ايم. سيد کان گهڻو متاثر هو. سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه تي خانداني واسطيداريءَ طور ضرور ويندو هو، جڏهن ته سندس واسطو پيپلز پارٽيءَ سان هو. بنيادي طرح هو سياست ۾ رواداريءَ جو قائل هو. سندس بنگلي ۾ هڪ عاليشان لائبريري پڻ قائم آهي، جنهن ۾ تاريخ ۽ مذهب جي حوالي سان پراڻا ڪتاب وڏي تعداد ۾ موجود آهن. شاهنواز جوڻيجي جا جيل دوران سردار خير بخش خان مري، شير باز مزاري، پروفيسر غفور احمد، فاضل راهو، قائم علي شاهه، مخدوم خليق الزمان، پير مظهرالحق ۽ ٻيا ساٿي رهيا.
سنڌ جي هن سخي مرد 15 جولاءِ 2005ع تي ڦڦڙن جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو